خان جي ڪُور

خان جي ڪُور: ديهه جوهيءَ جي پراڻي نقشي ۾ ڍنڍ نرليءَ مان نڪرندڙ ڪڙيو ’خان جي ڪور‘ قديم ڪُور ڄاڻايو آهي. پوئين زماني ۾ ’خان جي ڪور‘ سڏجندڙ، هن ڪُور (ڍنڍ) جو ذڪر ڪيترن روايتي تذڪرن ۾ موجود آهي. هن ڪور جي ڪپ تي لالواڻي لنڊ ڳوٺ قائم آهي، جيڪي خان جي ڪور وارا لنڊ سڏبا آهن. هيءُ خان نالي شخص جي ڪور، ڍنڍ نرليءَ منجهان نڪري کوسن جي ڳوٺ وٽ ايندي هئي، جتان لالواڻي لنڊ جي ڳوٺ وٽان اولهه طرف ٺوڙهن جي ڳوٺ (موجوده بچل خان رند) وٽ ڇوڙ ڪندي هئي. هن مان ٻه ڪڙيا نڪرندا هئا، جن مان هڪ جوهيءَ طرف نڪرندو هو ۽ ٻيو ٺوڙهن جي ڳوٺ ڏانهن ويندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو